اکيُون آلا چنڊ

اکيُون آلا چنڊ (ڪتاب ):هي لاڙڪاڻي جي نوجوان شاعر محمد علي پٺاڻ جي نثري نظم جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ڊسمبر 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ بکي، تعلقي ڏوڪريءَ جي سيڪريٽري هدايت منگيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. شآعر پنهنجي ڪتاب جو انتساب پنهنجي امڙ جي نالي ڪيو هو، هن ڪتاب تي تفصيلي مهاڳ ’سور جي سفر‘ جي عنوان سان انور پيرزادي لکيو آهي، شاعر جي سڃاڻپ مشهور ڪهاڻيڪار رزاق مهر ڪرائي آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جا 120 صفحا ۽ قيمت 10 روپيا رکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو